سيٺ ڌريانو مل

سيٺ ڌريانو مل: سيٺ ڌريانو مل، جديد ڪراچيءَ جي پهرئين معمار، سيٺ ڀوڄي مل جو وڏو پٽ هو. سيٺ ڀوڄي مل کي چار پٽ هئا: ڌريانو مل، لال مڻداس، ٺاڪرداس ۽ ٻلرام داس. جڏهن ڀوڄي مل 1782ع ۾ وفات ڪئي ته خاندان جي پڳ ڌرياني مل کي ٻڌائي وئي. ڌرياني مل جو اصل نالو ’درياهه ڏنومل‘ هو پر هو ’ڌرياني مل‘ طور مشهور ٿيو. ڌريانـي مل جـو ڀاءُ لال مڻداس، سيٺ نائون مل جو ڏاڏو هو. نـائـون مـل، لال مڻداس جي اڪيلي پٽ هوتچند ڀوڄواڻيءَ جو پٽ هو.
اُن زماني ۾ ڪراچي، خون بها جي عيوض ’خان آف قلات‘ جي حوالي هئي، جنهن پاران هتي گورنر مقرر هو. پر ڪراچيءَ تي اصل حڪمراني ڌرياني مل جي هئي. ڪراچيءَ جي بندر ۽ ڪوٽ تي ڌرياني مل ۽ سندس ڀاءُ ٻلرام داس جو مڪمل ڪنٽرول هو. ٻئي ڀائر سياسي ۽ معاشي حوالي سان انتهائي مضبوط هئا.
1784ع ۾ ٽالپرن، مير فتح علي خان ٽالپر جي اڳواڻيءَ ۾، ڪلهوڙن کي شڪست ڏئي، سنڌ جي حڪمراني هٿ ڪئي، پر کين ڪراچي حاصل ڪرڻ ۾ ڏهه سال لڳي ويا. ٽالپر ٽي ڀيرا 15 کان 20 هزار فوج سان ٻن کان ٽن مهينن تائين ڪراچيءَ کي گهيري ڪرڻ جي باوجود ڌرياني مل کان ڪراچي حاصل نه ڪري سگهيا. پهريون ڀيرو 1792ع ڌاري مير فتح علي خان توبن ۽ گولن سان 15000 هٿياربند فوج ڪراچيءَ رواني ڪئي جنهن لياري نديءَ جي ڪناري، شهر جي اتر- اوڀر طرف موجود باغن ۾ ڇانوڻي قائم ڪئي. ڪراچي جيئن ته خان آف قلات جي هٿ هيٺ هئي، پر سندس پاران ڪراچيءَ جي حفاظت جو ڪو به انتظام نه هو. سيٺ ٻلرام داس جي اڳواڻيءَ ۾ 500 ميربحرن جو جٿو حملي آورن کي منهن ٽوڙ جواب ڏيڻ لاءِ تيار هو. ڌرياني مل جي ڪامياب حڪمت عمليءَ سبب ٽالپرن جي فوج اڍائي مهينا شهر جو گهيرو ڪرڻ کانپوءِ ٿڪجي، گهيرو ختم ڪري حيدرآباد رواني ٿي وئي. 1793ع ۾ ٻيهر ٽالپرن ڪراچيءَ جي فتح لاءِ فوج موڪلي. هن ڀيري گهيرو ٽي مهينا هليو، ڪوٽ تي گولاباري به ٿي پر سيٺ ڌرياني مل جي هٿياربندن جي جوابي گولاباريءَ جي ڪري ٽالپر فوج کي اڳتي وڌڻ جي همت نه ٿي ۽ بيزار ٿي، گهيرو ختم ڪري، فوج حيدرآباد موٽي وئي. 1794ع ۾ ٽيون ڀيرو مير فتح علي خان 20 هزار لشڪر سان ميان فقيري برهماڻي ۽ پليي خان جي اڳواڻيءَ ۾، فوج ڏياري موڪلي. ڪلاچيءَ جي ڪوٽ ٻاهران فوج ساڳئي هنڌ ڪئمپ هنئي پر ٽالپرن جي فوج کي ڪوٽ جا ٻئي دروازا - مٺو در ۽ کارو در- بند مليا. هن ڀيري به ٽي مهينا گهيرو هليو. نيٺ ٽالپرن سياسي چال کيڏي. مير ڪرم علي ٽالپر، ڌرياني مل جو دوست هو. ان کي مير فتح علي خان خط لکيو ته ”ڪراچيءَ جي حفاظت لاءِ خان قلات جو ڪو خاص انتظام نه آهي پر ڌريانو مل هر ڀيري اسان جي فوج کي ناڪام بنائي ٿو. ان ڪري تون اسان جي مدد ڪر“. هن ڌرياني مل کي خط لکيو ته ”خان قلات، ٽئي ڀيرا ڪراچيءَ جي بچاءَ لاءِ اوهان جي ڪا مدد ڪا نه ڪئي آهي ۽ حفاظت جو سڄو خرچ اوهان خود ڀريو آهي. ان ڪري، ڪراچي ٽالپرن جي حوالي ڪئي وڃي، اوهان جي حيثيت ۽ مان اڳ وانگر برقرار رهندو.“ سيٺ ڌرياني مل، دوست جي خط کان پوءِ به خان آف قلات کي خط لکڻ ضروري سمجهندي، گذريل حملن ۽ حفاظت جا سمورا تفصيل بيان ڪندي، کيس لکيو ته ”هاڻي مون ۾ وڌيڪ مقابلي جي سگهه نه آهي، شهر اوهان جي هٿ هيٺ آهي، ان ڪري مدد موڪلي شهر جي حفاظت ڪريو.“ خان آف قلات محمود خان، جواب لکي موڪليو ته ”مون ۾ لڙائيءَ جي طاقت نه آهي، جي تون شهر جي حفاظت ڪري سگهين ته ٺيڪ، نه ته تو تي ميار نه آهي.“ سيٺ ڌرياني مل محسوس ڪيو ته هاڻي مٿس ميار نه ايندي ۽ نه ئي ڪو کيس غداريءَ جو ويڻ ملندو، ان ڪري هن ميرن سان ڪجهه شرط رکي، ڪراچيءَ جي ڪوٽ جي ٻنهي درن- مٺي در ۽ کاري در- جون چاٻيون سندن سپهه سالار جي حوالي ڪيون ۽ خان قلات جي گورنر حاجي شادو (سعدو) کي حفاظت سان قلات روانو ڪيو.
اهڙيءَ ريت 1794ع ۾ ڪراچي، ٽالپرن جي هٿ هيٺ، ٻيهر سنڌ جو حصو بڻجي وئي. ميرن ڪراچيءَ جي حفاظت لاءِ آغا زين العابدين کي نواب ۽ احمد خان ڀرڳڙيءَ کي گورنر مقرر ڪيو. ٻئي ڪراچيءَ جي حالتن کا بيخبر ۽ ٻاهريان هئا. اهڙي موقعي تي اصولاً ٽالپرن کي ڪراچيءَ جي گورنري ڌرياني مل کي ڏيڻ کپي ها، جيڪو سدائين ڪراچيءَ جو رکپال رهيو هو، پر هنن ائين نه ڪيو.
مير فتح علي خان ۽ مير ڪرم علي خان سيٺ ڌرياني مل کي مڃتا طور ڪراچيءَ جي آمدنيءَ جو ڪجهه حصو ڏيڻو ڪيو، پر سيٺ انڪار ڪندي چيو ته ”ماڻهو ائين سمجهندا ته سيٺ پيسن خاطر ڪراچي ڏني آهي.“ باوجود ان جي ميرن ڌرياني مل جي ٻاهرين ملڪن مان ايندڙ واپار تان محصول، باغن جي ڍل ۽ آبياني جو ٽيون حصو معاف ڪري ڇڏيو ۽ ڌرياني مل کي حيدرآباد گهرائي سندس شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ۽ هڪ مهيني تائين ڌرياني مل ۽ ڪراچيءَ جي ٻين معززن کي شاهي مهمان طور پاڻ وٽ رهايو. اهڙيءَ ريت ميرن ۽ ڌرياني مل جي دوستي پڪي ٿي وئي.
ميرن جي حڪومت کي ان وقت ڪراچيءَ مان هڪ لک روپيا محصول اڳڙندو هو، پر ڌرياني مل جي ڪري ملڪ سان واپار ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿيو. ڪراچيءَ ۾ ميرن جي نواب ۽ گورنر جي باوجود، ٻيڙن ۽ بندرگاهه جي حفاظت لاءِ ڌرياني مل جا ماڻهو محافظ طور موجود هوندا هئا، جنهنڪري امن امان جي صورتحال بهتر رهي.
انهن ڏينهن ۾ هندستان سميت سڄي دنيا جو وايو منڊل تيزيءَ سان بدلجي رهيو هو انگريزن لاءِ سنڌ وڏي اهميت اختيار ڪري وئي هئي. انگريزن جي هڪ ايجنٽ آغا عبدالحسين، ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ ۽ ٽالپرن جي وچ ۾ لاڳاپن بحال رکڻ ۽ سنڌ ۾ ٻيهر واپاري ڪوٺيون کولڻ لاءِ ڳالهيون ڪيون. نتيجي طور 1799ع ۾، ناٿن ڪُرو، جهاز رستي ڪراچيءَ پهتو. اها ڳالهه ڌرياني مل کي سٺي نه لڳي، ان ڪري ناٿن ڪرو جو ڪراچي آمد وقت ڪو خاص آڌر ڀاءُ نه ٿيو. هو گزري بندر تان ٺٽي ۽ اتان حيدرآباد پهتو ۽ هن ٺٽي ۽ ڪراچيءَ ۾ واپاري ڪوٺيون کولڻ جي اجازت گهري. ڌرياني مل ميرن کي چوائي موڪليو ته ڪراچي ته ڇا، پر سنڌ جي ڪنهن به شهر ۾ انگريزن کي واپار لاءِ ڪا به ڪوٺي کولڻ جي اجازت نه ڏني وڃي، ڇو ته سندن مفاد واپاري نه، پر سياسي آهن. ڌرياني مل مير ڪرم علي، مير غلام علي ۽ مير مراد عليءَ سان اهڙو خدشو به ظاهر ڪيو ته ”انگريز جيڪي به دوستيءَ جا معاهدا ڪندا، سي نه پاڙيندا ۽ سنڌ تي قبضو ڪندا.“ پر ميرن جا ايراني مشير، انگريزن سان مليل هئا. ميرن جي وزير اعظم آغا ابراهيم جي پٽ آغا اسماعيل جي صلاح سان انگريزن، مير غلام عليءَ کي پنهنجي پاسي ڪري ورتو ۽ کيس ڪافي سوکڙيون پاکڙيون ڏنيون. ڌرياني مل جي ڳالهه کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪري ميرن انگريزن کي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺي کولڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي ۽ انگريزن 24 سيپٽمبر 1799ع تي ڪراچيءَ ۾ ڪوٺيءَ جو مهورت ڪري، ان تي ايسٽ انڊيا ڪمپنيءَ جو جهنڊو ڦڙڪايو. هيءَ واپاري ڪوٺي لياري نديءَ تي موجود گانڌي گارڊن وٽ هئي. ناٿن ڪرو ڪوٺي کولڻ کان پوءِ ٺٽي کان سون مياڻيءَ تائين جاسوس مقرر ڪري ڇڏيا، بندر ۽ شهرن جا نقشا تيار ڪيا. ڌرياني مل سندس هر چرپر تي ڪرڙي اک رکي ۽ ميرن جي آڏو سخت احتجاج ڪيو ته ڪراچي ۽ ٺٽي جون ڪوٺيون هڪدم بند ڪيون وڃن، پر ميرن ڪو قدم نه کنيو. ڌرياني مل جو افغانستان سان واپار هلندو هو، ان ڪري هن افغانستان جي بادشاهه شاهه زمان کي هن حقيقت کان آگاهه ڪيو. آخرڪار ميرن مجبور ٿي، 25 آگسٽ 1800ع تي ناٿن ڪرو کي ڪراچيءَ جي ڪوٺي بند ڪري ٺٽي وڃڻ لاءِ چيو. بندر تي بيٺل انگريزن جو جهاز ’ائنسٽيلوب‘ به ڪراچيءَ کان بمبئيءَ هليو ويو. ناٿن ڪرو ٻيهر ڪراچيءَ ۾ ڪوٺي کولڻ لاءِ ڏاڍي ڪوشش ڪئي، پر سيٺ ڌرياني مل جي لاڳيتي احتجاج سبب کيس ناڪامي نصيب ٿي ۽ هُو 5 نومبر 1800ع تي ٺٽي کان بمبئيءَ روانو ٿي ويو. ناٿن ڪرو ٺٽي ۽ ڪراچيءَ ۾ رهڻ واري عرصي بابت هڪ ڪتاب ’ Accounting the Country of Sindh‘ لکيو هو، جنهن بابت ڊاڪٽر اينڊرين ڊيوئارٽ لکي ٿو ته ”هن ڪتاب مان ڄاڻ پوي ٿي ته ڪُرو هڪ جاسوسيءَ جو ادارو قائم ڪيو هو.“
سيٺ ڌريانو مل محب وطن شخص هو، هن ناٿن ڪرو جي وڃڻ کانپوءِ، ڪراچيءَ جي واپارين ۽ عام ماڻهن کي گڏ ڪري انگريزن جي چالبازين کان آگاهه ڪيو ۽ ڪراچيءَ جي گورنر عبدالله لغاريءَ کي به ڄاڻ ڏني، جو هن ڏٺو ته ميرن جي اندروني اختلافن جي ڪري انگريزن جو سنڌ ۾ عمل دخل وڌي رهيو هو. 1808ع ۾ ميرن ۽ انگريزن هڪ معاهدو ڪيو، پر انگريز اُن ٺاهه مان خوش نه هئا. هنن ته چاهيو ٿي ته کين افغانستان ڏانهن فوج اماڻڻ لاءِ سهولتون ۽ سنڌ جو رستو ڪم آڻڻ ڏنو وڃي. ان لاءِ 1809ع ۾ انگريزن جو 30 ڄڻن جو هڪ فوجي دستو پرنس آف ويلز جهاز ۽ ٽن هٿياربند ٻيڙين سميت بمبئيءَ کان ڪراچيءَ پهتو. ان تي ڌرياني مل جي اڳواڻيءَ ۾ ڪراچيءَ جي ماڻهن انگريزن خلاف زبردست مظاهرو ڪيو ۽ گورنر عبدالله لغاريءَ کي چتاءُ ڏنو ويو ته انگريز بندر تي لٿا ته مٿن حملو ڪيو ويندو. گورنر اهڙو اطلاع جهاز تي موجود پاٽنجر ۽ ليفٽيننٽ مئڪس ويل ڏانهن موڪليو ته ڪراچيءَ جون حالتون خراب آهن، ان ڪري مير حاڪمن سان رابطو ڪيو وڃي. ڪجهه انگريز سپاهي شهر ۾ داخل ٿيا ته ماڻهن کين موچڙا هڻي واپس ڪيو. ڌرياني مل جي اڳواڻيءَ ۾ مسلسل احتجاج جاري رهيو. مير وچ ۾ پيا ۽ 9 مئي 1809ع ۾ موچڙا کاڌل سپاهين کي ڪراچيءَ کان ٺٽي طرف واپس موٽڻو پيو. پاٽنجر لکيو آهي ته ان عرصي ۾ ”ڪراچيءَ ۾ انگريز قيدين وانگر هئا.“
22 آگسٽ 1809ع تي انگريزن ميرن سان ٻيو ٺاهه ڪيو، جيڪو اصل ۾ سنڌ لاءِ غلاميءَ جوڳٽ ثابت ٿيو، جنهن ۾ ڪراچي بندر توڙي ٺٽي جي کارين (Creeks) جي سروي جهڙا نقطا شامل هئا. ميرن ڌرياني مل جي احتجاج تي ڪو به ڌيان نه ڏنو، نتيجي طور ماڻهن جي به ميرن جي حڪومت لاءِ دلچسپي گهٽجندي وئي. ٻلرامداس 1812ع ۾ وفات ڪري ويو ۽ 1820ع ۾ سنڌ جو سپوت ۽ ڪراچيءَ جو رکوالو، ڌريانو مل به لاڏاڻو ڪري ويو ۽ ڪراچيءَ جا ماڻهو اڪيلا ۽ ويڳاڻا ٿي ويا. اڳتي هلي ڪراچيءَ جو ڪنٽرول ڀوڄواڻين سيٺين جي ئي هٿ ۾ آيو، جن جو اڳواڻ نائون مل هو. ان وقت تائين سنڌ جون حالتون بدلجي ويون هيون. هندو مسلم ايڪتا وارو جذبو ختم ٿي ويو هو. ميرن جي غلط پاليسين جي ڪري، اهي ڀوڄواڻي، جن انگريزن جي آمد تي سخت احتجاج ڪيا هئا، نائون مل جي روپ ۾، انگريزن جا ساٿاري بنجي ويا ۽ اها ڪراچي، جيڪا مير حاڪم 10 سالن ۾ به هٿ نه ڪري سگهيا، 1839ع ۾ چند انگريز فوجين هڪ ڪلاڪ اندر اُنهيءَ ڪراچيءَ تي قبضو ڪري ورتو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو